اسلام آباد ??? 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قو??ي اسيمبلي ??ي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي ۽ مجموعي ملڪي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ قو??ي اسيمبلي ??ي ايندڙ اجلاس جي حوالي ??ان اهم معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو آئيني طريقي سان جواب ڏينداسين، مخالف ڌر کي عدم اعتماد جي رٿ ۾ ڪڏهن به ڪاميابي نه ملندي. هن چيو ته سمورا اتحادي اسان سان گڏ آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان وٽ مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت موجود آهي، پي ڊي ايم جي پنهنجي صفن جي اندر ٻڌيءَ نه آهي.