اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۽ پنجگور ۾ فوجي ڪيمپن تي دهشتگردن جا حملا ناڪام ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورس?? کي خراج تحسي?? پيش ڪيو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان بلوچستان جي علائقن پنجگور ۽ نوشڪي ۾ قائم فوجي ڪيمپن تي دهشتگردن جا حملا ناڪام ڪندڙ پنهنجي فوجي جوانن ??ي سلام پيش ڪريون ٿا، سڄي قوم پنهنجي هٿياربند ف??ج جي پٺيان متحد بيٺل آ??ي، جيڪا اسان جي تحفظ ۽ دفاع جي لاءِ عظيم قربانيو?? پيش ڪري رهي آهي.