اسلام آباد – 08 جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم جي سياسي رابطن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گ?? چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مريءَ ۾ سخت برفباري ۽ ناڪابندي جي ڪري پ??ش ايندڙ سانحي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سمورن لاڳاپيل ادارن ??ي متحرڪ ڪيو ويو آهي، پاڪ آرمي، ريسڪيو 1122، هزاره ڊويزن ۽ راولپنڊي ڊويزن جي سمورن وسيلن کي متاثر علائقن کي کولڻ ۽ صاف ڪرڻ جي لاءِ متحرڪ ڪيو ويو آهي.