اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خلائي تحقيق ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعب?? ۾ ??رقي جي رفتار کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ ٽيڪنالاجي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ترقي جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ جلد فيصلا ڪرڻا پوندا، صدر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاج?? ۾ ??يرو اسپيس س??ئنس ۽ انجنيئرنگ جي بار?? ۾ ??تين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ اسپارڪو چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جو وائيس چانسلر ميجر جنرل (ر) ريحان عبدالباقي، ڪانفرنس جو سيڪريٽري ڊاڪٽر نجم عباس نقوي، سائنسدانن سميت ملڪي ۽ غير ملڪي نمائندن به شرڪت ڪئي.
صدر چيو ته اسپارڪو جي تعاون سان خلا مان ڪيتري ئي معلومات فراهم ٿيندي آهي، مواصلاتي سيارن جي ذريعي ??نسانن کي لاتعداد معلومات ۽ ڊيٽا ملي ويندي آهي، معلومات ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين 24 هزار کان وڌيڪ سيٽلائيٽ لانچ ڪيا ويا آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ننڍپڻ ۾ ڪهڪشائن کي ڏسندي لطف اندوز ٿيندا هئاسين، پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ لکين ماڻهن جي ضرورت آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ماهرن جي اسان جي افرادي قوت جي طلب يورپ ۽ اولهه تائين ٿي سگهي ٿي، پر پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ ماهرن کي ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال ڪندو، هن چيو ته دنيا ۾ جعلي خبرون وڏي پئماني تي هلي رهيون آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي ??فافيت کي فروغ ۽ ڪوڙ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، صدر چيو ته نئين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۾ انساني هٻڪ محسوس ڪندو آهي، جديد دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ليڊرشپ جي ضرورت پوندي آهي، هن چيو ته جديد دنيا ۾ ٽيڪنالاجي کي جلد قبول ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت خلائي تحقيق ۽ آءِ ٽي جي شعب?? ۾ ??رقي لاءِ پنهنجو هر مڪن ڪردار اد ڪندي، صدر چيو ته دنيا وٽ ايتري ڊيٽا موجود آهي ته ان جو تجزيه ڪرڻ به مشڪل آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاج?? ۾ ??دت اچي رهي آهي، ٽيڪنالاجي جي ترقي لاءِ مستقبل جي ضروت ??ي به نظر ۾ رکڻو پوندو.
صدر چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي گريجوئيٽس جو تعداد وڌڻ گهرجي ۽ حڪومت ان عمل جي حوصلا افزائي ڪندي. هن چيو ته پاڪستان کي عالمي سطح تي سيٽلائيٽس جي توسيع جو حصو هجڻ گهرجي، ملڪ کي سائبر سيڪيورٽي ماهر به گهربل آهن، انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جهڙن ادارن مان اميدون آهن. ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي (آءِ ايس ٽي) جي وائيس چانسلر ميجر جنرل (ر) ريحان عبدالباقي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي اداري جي ارادن، مقصدن ۽ ڪاميابين جي بار?? ۾ ??گاهه ڪيو، هن چيو ته اداره خلائي تحقيق جي پروگرام سميت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صدر ڪانفرنس جي موقعي ??ي انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ماهرن طرفان لڳايل اسٽالن جو به معائنو ڪيو.