اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، هن اها ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، مملڪتي و??ير فرخ حبيب ۽ اطلاعات واري و??ارت جي سينئر آفيسرن جي اعزاز ۾ پرڏيهي و??ارت ۾ ڪيل چانهه جي اهتمام جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي و??يراعظم جي خاص مددگار علامه طاهر اشرفي، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهده، پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر ??نرل عنبرين جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن، پي ٽي وي جو ايم ڊي عامر منظور، ايگزيڪيٽو پروڊيوسر عون ساهي، وزيراعظم جو ڊجيٽل ميڊيا بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر ??رسلان خالد، جي ايم ڊجيٽل ميڊيا ونگ عمران غزال?? ۽ ??رڏيهي و??ارت جي سينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي. پرڏيهي و??ير 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۽ ان جي ارادن ۽ مقصدن جي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موثر تشهير تي اطلاعات واري و??ير چوڌري فواد حسين ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته الله رب العزت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو، افغانستان جي حوالي سان منعقد او آءِ سي جي پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي ۽ اڄ پاڪستان پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته ??اڪستان مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي و??يرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ به پرعزم آهي.