اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي نو??وانن کي اڳتي وٺي اچي، پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اهي نو??وان ملڪ جو مثبت چهرو سامهون آڻيندا، ڪامياب جوان پروگرام جي انعقاد تي سڄي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي نو??وانن واري معاملن واري خصوصي مددگار محمد عثمان ڊار سان گڏ جناح اسٽيڊيم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مين اسٽريم جو حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، فرخ حبيب چيو ته تاريخ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ پروگرام جي انعقاد تي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام 25 هزار نو??وانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ مالي ۽ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ڪامياب اسپورٽس پروگرام ??ي ذريعي نو??وانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪيو آهي، هن چيو ته نو??وان ڪامياب ٿيندا ته پاڪستان ڪامياب ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي نو??وانن کي اڳتي وٺي وڃون، اهي ئي نو??وان ملڪ جو مثبت چهرو سامهون آڻيندا، هن چيو ته هاڪي جي فروغ لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهي رهيا آهيون، پاڪستان جي نو??وانن ۾ اسپورٽس جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي، مملڪتي وزير چيو ته اميد آهي ته اهي ئي نو??وان سڀاڻي عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندا، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو فوڪس آهي ته ملڪي سطح تي اسپورٽ?? کي وڌيڪ نظر انداز نه ٿيڻ ڏيون، هن چيو ته نو??وانن جو مستقبل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جي نو??وانن واري معاملن واري خصوصي مددگار عثمان ڊار چيو ته 17 سالن کانپوءِ اسپورٽس ڪامپليڪس جون رونقون واپس آيون آهن، ملڪ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ اسپورٽس ايونٽ ۾ 13 هزار کان وڌيڪ عورت رانديگر شريڪ آهن، عثمان ڊار چيو ته سڄي ملڪ جي سئو کان وڌيڪ ي??ني??رسٽين حصو ورتو آهي.