اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڻي جي کوٽ ۽ گلوبل وار??نگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ جامع قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آبي وسيلن جي تحفظ ۽ مينيجمينٽ لاءِ وڌيڪ تحقيق سان مثبت نتيجا نڪرندا، حڪومت ملڪ ۾ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ جي مسئلي جي حل لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري ??هي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڻي جي استعمال جي موثر نظام تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ريسورسز جو چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشرف، انٽرنيشنل واٽرمينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر جنرل مارڪ سمٿ، انسٽيٽيوٽ جو پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر محسن حفيظ، انٽرنيشنل واٽر مينيجمينٽ انسٽيٽيوٽ جو ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽر سيمي ڪمال سميت موسمياتي ۽ آبي ماهرن شرڪت ڪئي. صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سڄي دنيا کي گلوبل وار??نگ ۽ ٻيا موسمياتي چئلينجز درپيش آهن، حڪومت پاڻي جي ذخيرن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري ??هي آهي، زراعت جي شعبي ۾ پاڻي جو بهتر استعمال تمام گهڻو ضروري ??هي، هن ڪانفرنس جي انعقاد کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس پاڻي جي اسٽوريج جي حوالي سان وڏو ڪم ڪيو، گلوبل وار??نگ به پاڻي جي ذخيرن لاءِ مسئلو آهي، پاڻي جي استعمال ۾ سڀني کي ذميداري ??و احساس ڏيارڻ گهرجي، پراڻي وقتن ۾ تهذيب دريائن سان گڏ هلندي هئي، بلوچستان ۾ سوين ننڍا ڊيم بڻجي رهيا آهن، اڄ پاڻي کي ري ??ائيڪل ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته گلوبل وار??نگ ۽ ٻين موسمياتي چئلينجن سان گهٽ ۽ وڌيڪ برساتون پريشاني جو سبب آهن، هن چيو ته بلوچستان، ٿرپارڪر ۽ چولستان کي پاڻي جي کوٽ جو مسئلو درپيش آهي، ڪوئيٽا ۾ ٽن سالن کان پاڻي جي سنگين کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان ۾ سون جي تعداد ۾ ننڍا ڊيم بڻجي رهيا آهن ته جيئن ڏورانهن ??لا??قن ۾ پاڻي کي ذخيرو ڪري ??گهجي، پاڻي جي تحفظ لاءِ حڪومتي سطح تي قدم اڻٽر آهن، زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ آبادگارن کي به پاڻي جي بچت کي پنهنجو شعار بڻائڻ گهرجي، هن چيو ته پاڻي بچائڻ لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت آهي، وضو ڪندي وقت پاڻي جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ تحفظ سان بيمارين کان به بچي سگهجي ٿو. دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به پاڻي جي تحفظ لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ??طح تي قدمن جي ضرورت آهي، ڪراچي ۾ صنعت کي ري ??ائيڪل پاڻي فراهم ڪرڻ گهرجي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پنجاب ۾ زمين مان 12 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪڍيو ويندو آهي جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي، صدر چيو ته گلوبل وار??نگ جي نتيجي ۾ هوا ۾ پاڻي جو تناسب وڌي ويندو جنهن سان ڪيترن ئي ??لا??قن ۾ گهٽ ۽ ڪٿي وڌيڪ برساتون ٿينديون. هن 2018ع جي واٽر پاليسي کي گهڻو بهتر قرار ڏيندي چيو ته ان تي عملدرآمد حڪومت جي ذميداري ??هي، صدر چيو ته قديم تهذيبون ۽ شهري آباديون دريائن جي ڪنارن تي آباد هيون ۽ موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ جڏهن انهن دريائن پنهنجو رخ بدلايو ته اهي شهر به ختم ٿي ويا، صدر ڪانفرنس جي انعقاد تي منتظمين جو ٿورو ادا ڪندي چيوته 1960ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ سنڌ طاس آبادي معاهدو ٿيو. ان وقت اسان جو خيال هو ته اسان وٽ پاڻي ڪافي آهي، پر هاڻي صورتحال اها آهي ته پاڻي جي کوٽ وڌي رهي آهي، هاڻي دنيا کي گلوبل وار??نگ درپيش آهي، پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ سان به معاملو حل نه ٿيندو.