اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جي بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021ع جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته مخالف ڌر پاران پ??ش ڪيل ترميمون رد ڪيون ويون، مخالف ڌر ان تي واڪ آئوٽ ڪيو، ان بل جي منظوري کانپوءِ عام چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملي سگهندو. پارليامينٽ جي گ??يل اجلاس ۾ ڊاڪٽر بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل ٻيُون چونڊ ترميم بل 2021 آ??ين جي آرٽيڪل 70 جي شق (3) تحت فوري طور تي غور هيٺ آڻن جي رٿ پ??ش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي بعد ۾ ايوان مان بل جي شقوار منظوري ورتي وئي. شق 2 تي مخالف ڌر ميمبر محسن داوڙ پاران ترميم پ??ش ڪئي وئي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ ان جي مخالفت ڪ??ي. ??ن چيو ته هي بل ڪافي عرصي کان هلندو پيو اچي هي بل 90 ڏينهن سينيٽ ۾ غور هيٺ رهيو، هي ان ۾ دير چاهين ٿا. اها ترميم غيرضروري آهي. ان تي ايوان کان ورتي وئي ۽ اڪٿريت راءِ سان ترميم رد ڪئي وئي. بعد ۾ مخالف ڌر پاران چئلينج ڪرڻ تي ان تي ووٽنگ ڪرائي وئي. رٿ جي حق ۾ 221 ۽ مخالفت ۾ 203 ووٽ پيا، اهڙي طرح رٿ منظور ڪئي وئي. ان دوران مخالف ڌر ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو ۽ ايوان ۾ گوڙ ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو. اسپيڪر سارجنٽ ايٽ آرمز کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان ۾ طلب ڪري ورتو جنهن اسپيڪر ڊائس کي پنهنجي حصار ۾ وٺي ڇڏيو. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ٻي ترميم پيس ڪئي، ان تي تاج حيدر پنهنجي ترميم پ??ش ڪئي جنهن جي بابر اعواڻ مخالفت ??ئي. اسپيڪر بابر اعواڻ جي ترميم ايوان ۾ پ??ش ڪئي ۽ ان کي اڪثريت سان منظور ڪيوويو. ايوان تاج حيدر جي ترميم اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي. شق (3) ۾ ٽي ترميمون هيون. بابر اعواڻ ان تي پنهنجي ترميم پ??ش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي. سينيٽر مشتاق احمد خان ترميم پ??ش ڪ??ي. ??ارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ان جي مخالفت ??ئي. ايوان مشتاق احمد خان جي ترميم رد ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل چونڊ ترميم ٻه بل 2021ع منظوري جي لاءِ پ??ش ڪيو جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل موجب ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن نادرا ۽ ٻين ايجنسيز جي فني معاونت حاصل ڪري سگهندو. ان بل موجب اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي خريداري پڻ ڪري سگهبي.