ڪابل -11آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي پرڏيهي وزارت آمريڪا طرفان افغانستان کي انساني بنيادن تي ??مد??د فراهم ??رڻ تي راضپو ظاهر ڪرڻ جي آجيان ڪندو چيو آهي ته انساني بنيادن تي ??مد??د کي سياسي مسئلن سان ڳنڍڻ نه گهرجي. طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پرڏيهي وزارت جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اماراتي اسلامي افغانستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻن ڏينهن جون ڳالهيون سٺيون رهيون ۽ ان دوران مختلف سياسي مسئلن تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. هن چيو ته افغانستان مسئلي جي حل لاءِ دوحه معاهدي تي مڪمل عملدرآمد کي بهترين رستو قرار ڏنو ۽ چيو ته انساني ??مد??د کي سياسي مسئلي سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن چيو ته آمريڪي نمائندن افغان شهرين کي ??مد??د فراهم ??رڻ ۽ ٻين تنظيمن کي ??مد??د جي فراهمي ڪرڻ لاءِ سهولت فراهم ??رڻ تي راضپو ظاهر ڪيو جنهن جو اماراتي اسلامي افغانستان آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته افغانستان شفاف بنيادن تي ضرورتمند ماڻهن کي ??مد??د جي فراهمي ۾ سهڪار ڪندو. پرڏيهي شهرين جي واپسي ۾ مدد فراهم ??ندو. هن چيو ته آمريڪا سان ٿيل ڳالهين دوران سمورن لاڳاپيل مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ افغانستان کي بهتر رياست بڻائڻ لاءِ سفارتي ناتن جي بحالي لاءِ ??وششون تيز ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته آمريڪا سان ڳالهين کي هڪٻئي کي سمجهڻ جو بهترين م??قعو سمجهون ٿا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته مستقبل ۾ ان قسم جون ڳالهيون وڌيڪ منعقد ڪيون وينديون.