اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان زراعت جي شعبي ۾ تاريخي و??ڌ ۽ برآمدي هدفن کي حاصل ??رڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم سان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي و??ير سيد فخر امام ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ڪپهه، ڪڻڪ، چانورن، ڪمند ۽ مڪئي جي فص??ن جي پيداوار جي حوالي سان هن وقت تائين جي حوصلا افزا رجحانن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ??ه 30 سيپٽمبر 2021ع تائين پاڪستان ڪپهه ۾ 38.5 ڳٺڙين جي پيداوار حاصل ??ئي آهي، جڏهن ته گذريل سال انهي مدي دوران 27 ملين ڳٺڙيون حاصل ٿيون، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسان ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ گذريل سال جي پيداواري انگ اکر ترتيبوار 27.5 ملين ٽن، 8.4 ملين ٽن، 81 ملين ٽن ۽ 8.4 ملين ٽن کان باآساني وڌيڪ حاصل ??رڻ جي راهه تي گامزن آهي??ن. ??زيراعظم خوراڪ واري و??ارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جيڪا انب ۽ کٽن ميوون (سٽرس فروٽ) جي برآمدات ۾ رڪارڊ برآمدي هدف ترتيبوار 150000 ٽن، 463000 ٽن حاصل ??رڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم زراعت جي شعبي ۾ تاريخي و??ڌ ۽ برآمدي هدف کي حاصل ??رڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو.