اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن. پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ سياسي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، افغانستان ??ڪ خودمختيار ملڪ آهي جيڪو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ بااختيار آهي، اهڙو اظهار هن ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ ڪينيڊا ٻه طرفان ??اتن سيمت افغانستان ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغانستان ۾ جٽادار امن خطي جي ترقي ۽ افغان شهرين جي خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. افغان شهرين جي انساني بنيادن تي امداد ضروري آهي، غذائي کوٽ پيدا ٿيڻ جي سببن کي ختم ٿيڻ جي ضرورت آهي. ان ??وقعي تي شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن جن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. طالبان حڪومت کي هن وقت فنڊن ۽ وسيلن ??ي گهٽتائي آهي، مالي ۽ انساني وسيلن ??ي گهٽتائي سان حڪومت هلائڻ طالبان ??اءِ هڪ وڏو چئلينج هوندو. هن چيو ته عالمي ب??ادري طالبان کي وقت ۽ وسيلا ڏئي، اميد آهي ته طالبان ??نهنجي واعدن تي مڪمل طور عمل ڪندا. افغانستان ??ان ??رڏيهين ۽ عالمي ب??ادري جي واپسي واري عمل ۾ مدد ۽ معاونت جاري رهندي، ڪينيڊا ۾ ترسيل پاڪستاني ب??ادري ٻنهي ملڪن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان ??وقعي تي ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪينيڊا جي هاءِ ڪميشن جي درخواست تي افغان شهرين جي واپسي تي پاڪستان جا شڪر گذار آهيون. افغانستان ??ان ??رڏيهين ۽ افغان شهرين کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار غيرمعمولي ڪارنامو آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ افغان شهرين لاءِ انساني بنيادن تي امداد ڪئي آهي. پاڪستان طرفان 30 لک افغانين جي سار سنڀال ڪرڻ به واکاڻ جو جوڳو عمل آهي. گهرو وزير شيخ رشيد ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يقيني ڏياريو ته پاڪستان ڪينيڊا جي درخواست تي وڌيڪ ماڻهن کي افغانستان ??ان ڪڍڻ ۾ معاونت فراهم ڪندو.