اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مجموعي ۽ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي ل??ءِ اسلام جي تصور موجب عورتن جي ملڪيت جي حقن جي تحفظ ۽ فراهمي جي ل??ءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن کي عورتن جي حقن بابت آگاهه ڪرڻ جي ل??ءِ آگاهي مهم جي ل??ءِ عالم سڳورا ۽ ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عورتن کي حقيقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي ??ان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير عمر ايوب خان، قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. عورتن جي ملڪيتن جي حقن جي قانون 2020ع کي ل??ڳو ڪرڻ جو حوالو ڏيندي صدر قانونسازي جي ان قدم کي عورتن کي انهن جا حق ڏيڻ ۾ هڪ مثبت قدم قرار ڏنو ۽ سمورن صوبن ۾ هڪ جهڙن قانونن جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته انفورسمينٽ آف وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع هڪ موثر ۽ تيزي ??ان شڪايت جي ازالي جو طريقيڪار پيش ڪيو آهي جنهن تحت ڪا ??ه عورت جيڪا جائيداد جي ملڪيت يا پنهنجي جائيداد جي قبضي کان محروم آهي اها محتسب کي اپيل داخل ڪري سگهي ٿي. هن عورتن جي جائيداد جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ل??ءِ متبادل تڪرارن جي حل جي طريقيڪار کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر عورتن کي بااختيار بڻائڻ بابت منصوبن کي اسٽريم لائين ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي حقيقي طور تي بااختيار بڻائڻ جي ل??ءِ مالي شموليت انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ انهن کي احساس پروگرام ۽ استيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذريعي دستياب قرضن ۽ ٻين سهولتن بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي عمر ايوب خان صدر کي عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ مختلف ملڪن پاران پاڪستان کي عورتن جي ل??ءِ ڏني ويندڙ گهڻ رخي ۽ ٻطرفن فنڊز ۽ قرضن بابت آگاهه ڪيو. صدر ان سلسلي ۾ عالمي ادارن ۽ ملڪن پاران مالي معاونت کي ساراهيو.