اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني افغانستان مان نڪرڻ جي خواهش??ند ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪر?? رهيو آهي، گهڻو ڪر?? مغربي ملڪ افغانستان مان پنهنجو سفارتي عملو ڪڍڻ ۾ مصروف آهن ۽ وڌ کان وڌ سفارتي مشنز بند ڪيا ويا آهن.
ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخانو افغان شهرين ۽ ٻين ملڪن جي شهرين کي افغانستان مان نيڪالي تي مدد فراهم ڪر?? رهيو آهي. ڪابل ۾ پاڪستاني سفير منظور احمد خان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته افغانستان مان نڪرڻ جي خواهش??ند ماڻهن کي ويزا ۽ قونصلر خدمتون فراهم ڪيون پيون و??ن ۽ ان حوالي سان سمورن بين الاقوامي ادارن، سفارتڪارن، تنظيمن ۽ ميڊيا جي نمائندن جي افغانسان مان حفاظت سان منتقلي ۽ وطن واپسي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن.
هن چيو ته افغانستان ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي هن وقت تائين 400 ??يزائون جاري ڪيون ويون آهن. ٻين ملڪن جي شهرين کي 800 ويزائون جاري ڪيون ويون آهن. گذريل آچر تي طالبان ڪابل تي ڪنهن خون خرابي کان سواءِ قبضو ڪر?? ورتو هو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجا سفارتي مشنز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪندي سفارتي عملي کي فوري طور تي افغانستان مان نڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن سبب افراتفري ۾ واڌ ٿي آهي جڏهن ته ڪابل جي بين الاقوامي هوائي اڏي تي افغانستان مان نڪرڻ جي خواهش??ند ماڻهن جو گهڻي تعداد سبب صورتحال پيچيده ٿي وئي آهي.
هن ان حوالي سان پاڪستان مختلف ملڪن جي شهرين جي سهولت جو دائرو وسيع ڪيو. ۽ بين الاقوامي ميڊيا سفارتڪارن ۽ پاڪستان رستي دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ منتقل ٿيڻ جي خواهش??ند افغان شهرين لاءِ عارضي ويزائون جاري ڪرڻ جي دائريڪار کي وڌائيندي کين هر طرح جي معاونت فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. پاڪستاني سفير اهڙن ماڻهن کي هدايت ڪئي ته هو سفارتخاني سان رابطو ڪن. هن چيو ته اسان افغان صحافين ۽ انهن جي ڪٽنبن کي غيريقيني جي صورتحال ۾ ويزا فراهم ڪرڻ جا خصوصي قدم کڻي رهيا آه??ون.
ميڊيا سان واڳيل ماڻهو ويزا حاصل ڪرڻ جا خواهش??ند پاڪستاني سفارتخاني جي پريس قونصلر سان واٽس ايپ نمبر 00923222807687 تي رابطو ڪن ته جيئن انهن کي سهولتون فراهم ڪر?? سگهجن. پاڪستاني سفارتخاني جي پريس قونصلر طاهر نواز ڪابل مان اي پي پي کي ٻڌايو ته هن وقت تائين ميڊيا نمائندن کي 400 جي لڳ ڀڳ ويزائون جاري ڪر?? چڪا آه??ون. هن چيو ته انهن ۾ افغان ۽ ٻين ملڪن جي ميڊيا جا نمائندا شامل آهن جيڪي افغانستان ۾ مقامي ۽ بين الاقوامي ميڊيا لاءِ خدمتون فراهم ڪر?? رهيا هئا. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي پبلڪ ڊپلوميسي ونگ پنهنجي اهلڪارن جا ٽيليفون نمبر شايع ڪيا آهن ته ڪنهن به قسم جي معاونت لاءِ ويزا آفيسر 009300728627، ويزا اسسٽنٽ 0093786324769 ۽ سفير جي نمبر 0093707300900 سان رابطو ڪر?? سگهجي ٿو.