اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪيپٽن محمد سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪيپٽن سرور شهيد جو نه ٽٽندڙ ??وصلو ۽ وفاداري سدا??ين جي لاءِ عزم ۽ همت جو مثال رهندي. ڪيپٽن محمد سرور شهيد جي 73 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغ??م ۾ هن چيو ته مادر وطن ۽ ڪشمير لاءِ سندس قرباني اسان جي ان عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي ته اسان کي پنهنجي ملڪ جي هر قيمت تي حفاظت ڪرڻي آهي. هن چيو ته قوم، ملڪ جي خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ ??هيدن کي سدا??ين ياد رکندي. ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد جي بهادري ۽ شجاعت نوجوانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪندي رهندي، هن چيو ته ملڪ جي خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏيندڙ ڪيپٽن سرور شهيد بهادري جو روشن مثال آهي، قوم 1948ع جي ڪشمير جنگ ۾ بهادري، شجاعت جي داستان ر??م ڪندڙ ??هيد ڪيپٽن محمد سرور کي خراج عقيدت پيش ڪندي رهندي.