اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان سمورن مذهبن کي مڃيندڙن جي دل آزاري روڪڻ جي لاءِ قانوني قدمن تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ڪو مذهب ناهي هوندو، اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ ناموس رسالت ﷺ جي شان ۾ گستاخي سان ڏيڍ ارب مسلمانن جي دل آزاري ٿئي ٿي ۽ اسلامو فوبي?? سان بين المذاهب نفرت کي هوا ملي ٿي، مسل??ان دنيا کي متحد ٿي گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ض??ورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سفيرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزي??اع??م چيو ته هو او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي سفيرن کي ڀليڪار چوي ٿو. وزي??اع??م چيو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو مسئلو اڳ کان وڌيڪ شدت اختيار ڪري چڪو آهي، مون وزي??اع??م بڻجڻ کانپوءِ ڪوشش ڪئ?? ته مسل??ان ملڪن ۽ اولهه دنيا جي وچ ۾ جيڪو خال وڌي رهيو آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي.