اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ?? ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته بهترين ۽ جديد طبي سهولتن تائين پهچ ملڪ جي موجود هر فرد جو بنيادي حق آهي، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاران جاري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ضروري آهي، صحت جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ هنن چيو ته حڪومت پاران عوام کي صحت جون بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪ ۾ ويڪسينيش?? جي عمل کي يقيني بڻائڻ جي ضرو??ت آهي، عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هنن چيو ته موجوده حڪومت ملڪ ۾ نئين اسپتال?? جي قيام ۽ موجوده اسپتال?? جي اپگريڊيشن لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، صحت انصاف ڪارڊ جي بنا فرق جي فراهمي موجوده حڪومت جو سڀ کان وڏو اهم ڪارنامو آهي، هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر کي پاڻ ۾ اختلاف وساري صحت جي شعبي بابت مسئل?? جي حل لاءِ جامع پاليسي جوڙڻ جي ضرو??ت آهي.