اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ??حريڪ انصاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي، حڪومت چونڊ، معاشي ۽ عدليه سڌارن، عوام جي ڀلائي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي، مخالف ڌر جيڪڏهن ان ۾ اسان ??و ساٿ ڏيڻ چاهي ته ان ??ي آجيان ڪنداسين، سينيٽ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي ۽ پيپلزپارٽي جي يو آءِ (ف) جي پـٺيءَ ۾ ڇرو گهونپيو آهي، ڪنهن به شارٽ يا لانگ مارچ جي ڪا پرواهه نه آهي، مخالف ڌر کي اسلام آباد ۾ هڪ گلدان ??ه ٽوڙڻ نه ڏينداسين، پي ڊي ايم پراڻو قصو بڻجي چڪي آهي، ان ۾ شامل سموريون پارٽيون عوام جو رت چوسڻ ۽ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦرڻ تي قوم کان معافي وٺي ڪفارو ادا ڪن، وزيراعظم اليڪشن کي ??فا?? بڻائڻ جي لاءِ سدائين اوپن ووٽنگ تي زور ??نو ۽ مخالف ڌر ووٽن جي خريد ۽ وڪرو ڪري سيڪريٽ بيلٽنگ چاهيندي هئي، سينيٽ جي چونڊ عام چونڊن کان مختلف آهي، هتي هائوس چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ رولز تحت ڪري ٿو، جيڪڏهن مخالف ڌر ان معاملي تي عدالت يا ڪنهن به فورم تي وڃڻ چاهي ته اها انهن جي پنهنجي مرضي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان ??ي ملڪ ۾ جمهوري عمل جو مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي. نئين چونڊيل سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي ۽ پاڪستاني عوام کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته صادق سنجراڻي بلوچستان ??ان ??علق رکي ٿو ۽ وزيراعظم عمران ??ان ??ي پراڻي خواهش هئي ته اهي علائقا جيڪي ماضي ۾ نظرانداز ڪيا ويا انهن جي لاءِ عملي طور تي ڪجهه ڪيو وڃي. هن چيو ته اڳوڻو فاٽا به تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو هو، ان ??ي ترقي لاءِ وزيراعظم فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام ڪيو، اهو هڪ مشڪل ڪم هو، صدين کان هلندڙ نظام کي بهتر طريقي سان ??يبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو ويو ۽ ??ن علائقي جي ترقي جي لاءِ 100 ارب جو فنڊ ??نو ويو. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلوچستان ۽ فاٽا کي بطور سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين نمائندگي ڏني وئي آهي. هن چيو ته اسان ??ي حڪومت سمجهي ٿي ته ادارا پنهنجو پنهنجو ڪم ڪندي عوام جي خدمت ڪن ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پارليامينٽ جو ڪم قانونسازي ڪرڻ آهي جيڪا سڌوسنئون عوام جي لاءِ ٿيندي آهي پر گذريل اڍائي سالن ۾ بدقسمتي سان پنجاب مان مسلم ليگ (ن) ۽ ڳوٺاڻي سنڌ جي علائقائي پارٽي پيپلزپارٽي قانونن ۽ سڌارن کي منظور ٿيڻ نه ڏنو. مخالف ڌر جي سياست جو مقصد ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ آهي، هي اهڙن ماڻهن کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ پسند ڪن ٿا جيڪي خاص گروهه جي مفادن جو تحفظ ڪري سگهن، انهي بنياد تي گذريل 30 کان 35 سالن جي سياست ادارن کي مفلوج ۽ عوام کي انصاف ۽ خوشحالي کان محروم رکيو. ان ??ور??ن عوام جي لاءِ ڪجهه نه ٿيو پر نواز شريف ۽ آصف علي زرداري ۽ ان ??ي خاندانن لنڊن، آمريڪا ۽ ٻاهرئين ملڪن ۾ پنهنجون ملڪيتون ۽ فيڪٽريون ٺاهيون، جڏهن اهي ماڻهو سياست ۾ آيا ته هڪ فيڪٽري هئي ۽ هاڻي 29 فيڪٽريون آهن. هن چيو ته عوام عمران ??ان ??ي عزم ۽ بي داغ قيادت تي اعتماد ڪندي 2018ع جي چونڊن ۾ وڏي مينڊيٽ سان ڪامياب ڪرايو. عمران ??ان چاهي ٿو ته پارليامينٽ ۾ ايندڙ ماڻهن جي لاءِ هڪ معيار ۽ اهرو طريقيڪار هجي جنهن ۾ پئسي جي سياست نه هجي، قابليت ۽ اهليت جي بنياد تي ماڻهو پارليامينٽ ۾ اچن ۽ علائقي جي عوام جو آواز اٿارين. انهي اڻٿڪ محنت کانپوءِ اڄ پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي. هن چيو ته گذريل 40 سال سياست ڪندڙ پارٽيون اڄ علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آهن. مخالف ڌر ڪڏهن به قانون جي بالادستي نه چاهي ڇو ته اها انهن جي مفادن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي قيادت ۾ حڪومت جي محنت جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. اڄ ملڪ ۾ رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آهي. هن چيو ته مهانگائي چئلينج آهي. وزيراعظم پنهنجو پورو ڌيان ??نهي تي ??نو آهي، روزاني جي بنياد تي مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي قدمن جي نگراني ڪري رهيو آهي.