اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪشمير هاڻي آزادي طرف ويندو ڇو ته گذريل سال 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدم ذريعي ڪشميرين کي دٻائڻ جا ڀارتي ارادا ناڪام ٿي ويا آهن. ڪشسمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي جمعي ڏينهن ڪوٽلي ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ نجي ٽي وي چينل (هم نيوز) سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ??ه ڀارت 5 آگسٽ تي ڪشميرين کي ڪرش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ڪشميرين جا حوصلا وڌيڪ بلند ٿيا. هن چيو ??ه ڪشميرين کي وڌيڪ عرصي تائين نه ٿو دٻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ??ه تاريخ مان ثابت ٿيو ??هي ته ڪنهن آبادي کي وڌيڪ عرصي تائين دٻائي نه ٿو سگجي ۽ جڏهن ڪا قوم آزادي حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي ته ڪا به طاقت ان کي نه ٿي دٻائي سگهي. هن چيو ??ه دنيا ڪشمير مسئلي جي ??نجيدگي کي سمجهيو ??هي جيڪو گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل سميت عالمي سطح تي اجاگر ٿيو ??هي انهي لاءِ پراميد آهيان ته هاڻي اهو آزادي طرف ويندو. يورپي يونين جي ڊس انفوليب جي ??نڪشافن بابت وزيراعظم چيو ??ه ڀارت پاڻ کي هڪ وڏو ملڪ ۽ وڏي مارڪيٽ هجڻ جي واويلا ڪري ٿو جنهن پاڪستان کي الڳ ٿلڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستان کي ماضي جي ڀيٽ ۾ بي مثال عالمي پذيرائي ملي. هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ??ه مون کي يقين ڪونهي ته بائيڊن انتظاميا ڪشمير تڪرار تي ثالثي ۾ شامل ٿيندي جهڙي طرح ڊونلڊ ٽرمپ آڇ ڪئي هئي جڏهن ته هن چيو ??ه ان مسئلي جي ??والي سان دنيا ۾ شعور موجود آهي، 50 سالن کانپوءِ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل ڪشمير مسئلي تي ٽي ڀيرا بحث ڪيو ??نهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو هڪ عالمي ايشو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ??ه ڀارت جي لاءِ ه??ڻي ظلم جاري رکڻ مشڪل ٿيندو ڇو ته دنيا صو??تحال جو مشاهدو ڪري رهي آهي. پاڪستان ڀارت کي ان شرط تي ڳالهين جي ??ڇ ڪئي آهي ته هو آرٽيڪل 370 کي بحال ڪندي والاريل ڪشمير جي ??صوصي حيثيت بحال ڪري.