اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن په?? ۽ ورڇ تي ڌيان نه ڏنو، انهي جي ڪري سڄي ملڪ ۾ اوچتو بجلي جو نظام متاثر ٿيو، اهڙي صورتحال ۾ به افواهه پکيڙيندڙ فيڪٽرين افواهون پکيڙ?? ۾ ??هم ڪردار ادا ڪيو. هو توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان سان گڏ ملڪ ۾ بجلي جي بندش بابت گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بجلي جي په?? ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي، ان دوران ڪيترين ئي افواهن جنم و??تو. هن چيو ته بجلي جو شعبو ??لڪ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ماضي جي حڪومت جنريشن تي ڌيان ڏنو ۽ په?? ۽ ورڇ جي نظام تي ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي په?? جي نظام ۾ نئين ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرايو ويو.