اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته (ن) ليگ جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق ??و اڀي نندن جي حوالي سان بيان، پي ڊي ايم جي گجرانوالا جلسي ۾ عدال??ي مفرور مجرم جي تقرير، ڪراچي ۾ مزار قائد جي بي حرمتي ۽ بلوچستان ۾ آزاد بلوچستان جو نعرو آئين جي آرٽيڪل 19 جي سراسري خلاف ورزي آهي، جيڪڏهن اياز صادق ۽ پي ڊي ايم قيادت پارليامينٽ ۾ بيهي انهن شين ??ي معافي نه گهري ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، اياز صادق جي بيان تي ڀارت ۾ مٺايون ورهايون پيون وڃن، ن ليگ ثابت ڪري ڇڏيو ته هو پنهنجي ذا??ي مفادن جي لاءِ هر حد عبور ڪري وٺندي، اڄ اسان کي طئي ڪرڻو پوندو ته پاڪستان جي سياست ذات بدران مل??ي مفادن جي چوڌاري گهمندي، مريم نواز، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان سميت ڪنهن به ??ڳوان آزاد بلوچستان جي نعري تي نه ندامت ڪئي ۽ نه ئي وري مذمت ڪئي آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پي ڊي ايم جو بيانيو ئي دشمن جي بياني کي فروغ ڏيڻ آهي، اهو سڀ ڪرپشن زده ماڻهو ۽ عدالت کي گهربل مجرم، دشمن جي بياني کي فروغ ڏئي رهيا آهن، پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ڊرامي جو مقصد ادارن تي دٻاءُ وجهي ڪيس واپس وٺڻ ۽ سينيٽ جي اليڪشن کي متاثر ڪرڻ آهي، وزيراعظم عمران خان انهن کي ڪنهن به ??ورت ۾ محفوظ رستو نه ڏيندو ۽ نه ئي کين اين آر او ملندو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.