اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر جو ??ٽو معيار ۽ منافقت نه هلندي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي فيملي لميٽيڊ ڪمپنيون آ??ن، انهن جي موسمي نظرياتي پن کان قوم واقف آهي، انهن جو ??فاد مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ قوم جي ڀلائي ناهي پر ڪرپشن لڪائڻ آهي، معيشت ۽ ادارن کي تباهه ڪندڙ، ملڪ کي ڦريندڙ، پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ هاڻي جمهوريت جا چيمپئين بڻجي ويا آ??ن، ماضي ۾ هڪٻئي کي چور چور چوندڙن کي پنجاب حڪومت رومال به ڏئي ته جيئن هو پنهنجو چهرو لڪائي سگ??ن، گجرانوالا اسٽيڊيم ڀرڻ جي لاءِ هن اڌ اسٽيڊيم تي اسٽيج ٺاهي ڇڏيو آهي، پنهنجي دور ۾ هنن ووٽ جي عزت جو ??ه نوٽ جي عزت جو خيال ڪيو، اسان کي ملڪ کي چورن جي چنبي مان ڪڍڻو آهي، اڄ ??لڪ ۾ مهانگائي به انهن جي پاليسين جو ??تيجو آهي، مولانا فضل الرحمان جو ??ٽ کٽي وڃي ته ٺيڪ آهي، پاڻ هارائي وڃي ته اليڪشن غلط آهي، عدالتون انهن جي حق ۾ فيصلو ڏين ته ٺيڪ ٻي صورت ۾ غلط سمجهندا آ??ن، اهي ناڪام ٿيندا ۽ ڪڏهن ٻيهر واپس نٿا اچي سگ??ن، انهن جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي آهي پر سٺو وقت اچڻ وارو آهي، ايندڙ ٻن چئن هفتن ۾ صورتحال ۾ بهتري نظر انيدي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ اجلاس ۾ پاليسي بيان ڏيندي ڪيو.