اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سميت سمورن ??رضن بابت جامع قومي ڊيٽا ب??س تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو هتي ڇاتي جي ڪينسر بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو ه??، اجلاس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، صحت واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪس??ان ۾ مختلف بيمارين بابت مرڪزي ڊيٽا بيس جي کوٽ آهي، ان لاءِ ڇاتي جي ڪينسر سميت سمورين بيمارين تي جامع قومي ڊيٽا ب??س تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪس??ان ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي بيماري ٻين ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏٺي ويندي آهي، ان ڏس ۾ عوام ۾ بيماري جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.