اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چي??رمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته وزيراعظم ڪراچي – ڪوئيٽا – چمن ايڪسپريس وي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 790 ڪلوميٽر ڊگهو اهو رستو ٺاهيو، هلايو ۽ منتقل ڪريو جي پاليسي تحت تع??ير ٿيندو، وڏي ٽريفڪ ۽ وڌندڙ حادثن جي ڪري ان روڊ جي تع??ير لازمي آهي.