اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي قانونن تحت پاڪستاني هاءِ ڪميشن ک?? پنهنجي سفارتي ذميداريون سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ۽ سفارتي عملي جي گرفتاري ۽ تشدد ڪڌي ۽ انتهائي قابل مذمت حرڪت آهي، ڀارت خطي ۾ پنهنجي سمورن پاڙيسرين جي خلاف جارحيت جو ڏوهاري آهي، عالمي برادري ڀارتي قدمن جو نوٽيس وٺندي سفارتي ۽ عالمي قانونن جي منافي رويي تي ڀارت جو گهيراءُ ڪري، اهڙن خيالن ??و اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي متعصباڻي ۽ پرتشدد ق??من جو نشا??و بڻائيندڙ آر ايس ايس بي جي پي حڪومت نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي عملي تي بي بنيا?? ۽ ??وڙن الزامن جي مهم شروع ڪري چڪي آهي، عالمي قانونن تحت پاڪستاني هاءِ ڪميشن ک?? پنهنجي سفارتي ذميداريون سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ ۽ سفارتي عملي جي گرفتاري ۽ تشدد ناپاڪ ۽ انتهائي قابل مذمت حرڪت آهي.