اس??ام آباد – 13 مئي (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) زراعت کي ترقي ڏيڻ ۽ آبادگارن کي معاونت فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي ارب ر??ين جي ماليت جي پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پئڪيج تحت آبادگارن کي ڀاڻ تي زرتلافي ڏني ويندي، زرعي قرضن تي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آندي ويندي، ڪاٽن سيڊز ۽ سف??د مکيءَ جي خاتمي لاءِ جيت مار دوائن جي خريداري ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل ٽريڪٽرن تي سيلز ٽيڪس ۾ سبسڊي ان پئڪيج جو حصو آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.