اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عام ماڻهو جي مشڪلاتن جو احساس ڪ??دي محدود ڪاروباري سرگرمين جي اجازت ڏني آهي، سماجي فاصلي کي يقيني بڻائڻ هر ماڻهو جي ذميداري آهي، ڪورونا وائرس بابت درست ڊيٽا ۽ معلومات تي خصوصي ڌ??ان ڏنو وڃي. اه??ن خيالن جو اظهار ه?? پنهنجي صدارت ۾ ڪوويڊ- 19 جي صورتحال جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪ??دي ڪيو.