اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته آئون مديني جي رياست جي ماڊل تي ا?? لاءِ زور ڏيان ٿو ته اس??ن جي نوجوان نسل کي پنهنجي تاريخ کان آگاهي ملي ۽ اهي ڏسي سگهن، حضور صه نوجوانن کي سکڻ جو حڪم ڏنو هو، اس??ن جي تعليمي ادارن ۾ اسلام جي تاريخ ??ابت نه ٿو ٻڌايو وڃي ا?? لاءِ نوجوان نسل کي پنهنجي عظيم رول ماڊلز بابت ڄاڻ نه آهي، جيڪڏهن اس??ن کي عظيم بڻجڻو آه?? ته نبي صه جي زندگي کي رول ماڊل بڻائڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان ”مديني جي رياست ۽ اسلام جو تصور، نبوي صه جي تعليم جي روشني ۾“ جي موضوع تي انٽرنيشنل رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي گ??ڻي زندگي ٻاهرئين ملڪ گذري آهي ۽ آئون پاڪستان جي سمورن علائقن ۽ عوام کي ڄاڻان ٿو جڏهن مون زندگي جو سفر شروع ڪيو ته مون کي سمجهه نه هئي، آئون رڳو والد صاحب جي چوڻ تي جمعي ۽ عيد جي نماز پڙهندو هئس، ان کانسواءِ منهنجو ڪو ايمان نه هو.