سرينگر _02 نومبر (اي پي پي ) سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 6نومبر تي ڄمون جي شهيدن جو ڏينهن ان عزم جي تجديد سان گڏ ملهائيندا ته هو شهيدن جي مش?? کي پنهنجي حق خوداراديت جي حق حاصل ڪرڻ تائين جاري رکندا . ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڊوگرا مهاراجه هري سنگهه جي فورسز، ڀارتي فوجين ۽ هندو انتها پسندن ڄمون جي مختلف علائقن ۾ نومبر 1947 ع جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان هجرت ڪندڙ ل??ين ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪيو هو . هر سال ڪشميري 6 نومبر تي ڄمون جي شهيدن جو ڏينهن ملهائي ڪري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندا آهن . ??نٽ??ول لائن جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ ڄمون جي شهيدن جو ڏينهن شايان شان طريقي سان ملهائڻ لاءِ ت??ار??ون زور شور سان جاري آهن .