اسلام آباد – 08 جون (ا?? پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي جدت تي ٻڌل انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جديد انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جو سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي، چوٿين صنعتي انقلاب انٽرنيٽ، ورچوئل ريئ??ٽي ۽ مصنوعي ذهانت سان زندگي جو انداز بدلجي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سامونڊي معاملن واري وزارت جي ويب سائيٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.