اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي گهر ماڻهن کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترج??ح آهي، ذاتي ڇت هر غريب ۽ گهٽ آمد??ي واري ماڻهو جو حق آهي، تعميراتي سرگرمين جي فروغ سان شروع ٿيندڙ معاشي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام کي ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ??ڌا??و ويو ته هائوسنگ ۽ تعميراتي جي منظور ٿيل ۽ غور هيٺ منصوبن جي ڪل معاشي سرگرمي جو ڪاٿو 2.07 ٽريلين رپيا آهي، 17 اپريل 2020ع کان هيستائين هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪشن جي ڪل 307 منصوبن ۾ 39.83 ملي?? مربع فٽ تي تعميرات جي منظوري ڏ??ي وئي آهي، وڌيڪ 64.12 ملي?? مربع فٽ زمين تي تعمير جي 526 منصوبن جي منظوري جو عمل غور هيٺ آهي. اجلاس کي ??ڌا??و ويو ته هيستائين منظور ٿيل منصوبن جي نتيجي ۾ 796.5 ارب رپين جي معاشي سرگرمي پيدا ٿي رهي آهي، غور هيٺ منصوبن جي منظوري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 1.28 ٽريلين رپين جي معاشي سرگرمي پيدا ٿيندي، انهن منصوبن جي نتيجي ۾ اڍائي لک ماڻهن کي سڌوسنئون جڏهن ته ساڍا چار لک ماڻهن کي اڻ سڌي طرح نوڪرين جا موقعا ملندا. اجلاس کي ??ڌا??و ويو ته ايل ڊي اي پاران 11.03 ملي?? مربع فٽ زمين تي تعميرات جي 3435 منصوبن جي منظوري ڏ??ي وئي آهي جڏهن ته 700 منصوبا منظوري جي لاءِ غور هيٺ آهن، راولپنڊي ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاران 4.8 ملي?? مربع فٽ تي تعميرات جي هيستائين 67 منصوبن جي منظوري ڏ??ي وئي آهي جڏهن ته 51 منصوبا غور هيٺ آهن. سي ڊي اي پاران 12.8 ملي?? مربع فٽ تي تعميرات جي 121 منصوبن جي منظوري ڏ??ي وئي آهي جڏهن ته 18.7 ملي?? مربع فٽ تعميرات جا 142 منصوبا منظوري جي لاءِ غور هيٺ آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران 9.1 ملي?? مربع فٽ جي 33 منصوبن جي منظوري ڏ??ي وئي آهي جڏهن ته 40.8 ملي?? مربع فٽ جا 269 منصوبا منظورين جا منتظر آهن. وزيراعظم سنڌ ۾ منظورين جي عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته تعميراتي سرگرمين جي فروغ سان پيدا ٿيندڙ معاشي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام ۽ صوبي کي ٿيندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڏي عرصي کان منظورين سبب التوا جو شڪار ٿيندڙ تعميراتي منصوبن جا سمورا ڪيسز نيب ڏانهن موڪليا ويندا ته جيئن ذميوارن جو تعين ڪري سگهجي ۽ ڄاڻي واڻي دير ڪندڙ ذميوارن جي خلاف ڪارر??ائ?? ڪري سگهجي.