اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ س??ل سوسائٽي جي ??چ ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي ??الي ۽ تعليمي شموليت هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ ان مان سرخرو ٿيڻ سڄي معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، خصوصي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ض??وت?? موجب هنر ڏيڻ لاءِ خصوصي تربيتي ڪورس متعارف ڪرايا وڃن. هو خصوصي ماڻهن جي بحالي با??ت هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. نيشنل اينڊ ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي چيئرمين سيد جاويد حسين خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏني. صدر عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهن جي ??عاشري ۾ مالي شموليت سان گڏوگڏ انهن کي مرڪزي تعليم جي ??ظام ۾ شامل ڪرڻو پوندو.