اسلام آباد ??? 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر جواد ظريف ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايراني پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لا??اپا آهن، ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ان موقعي تي وزيراعطم ڪوويڊ 19 جي ڪري ايران ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظ??ار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت پاران سمارٽ لاڪ ??ائون جي حڪمت عملي ۽ ٻين قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي آهي.