اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ جمعي ڏينهن پا??ستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ورڪنگ گروپس جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ پنجاب جو چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ٻنهي منصوبن تي هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۽ ٻيٽن تي آباد ٿيندڙ شهر ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سرسبز شهر (گرين سٽي) جي اصولن جي عين موجب هوندا، راوي ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته تعميرات جي لاءِ 18600 ايڪڙ زمين جو سروي مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ مقامي آبادي کي بي دخ?? ڪرڻ يا ڪنهن ٻي جاءِ تي منتق?? ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، هن ٻڌايو ته راوي سٽي منص??بو عالمي معيار موجب رهائش سان گڏوگڏ پا??ي جي نيڪالي، زمين جي اندر پا??ي جي ذخيرن جي دستيابي ۽ حفاظت ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان خطي ۾ پيروي ڪرڻ جو نمونو ثابت ٿيندو، واضح رهي ته اهو منص??بو قرض بدران حصيداري جي بنياد تي ٺاهيو پيو وڃي جنهن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي ادارا ۽ سيڙپڪار دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن.