حيدرآباد 12- سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا تسليم ڪيو ته قائداعظم محمد علي جن??ح جو موقف صحيح ۽ ٻه قومي نظريو هڪ حقيقت آهي، پاڪستان ۾ غير مسلم محفوظ ۽ ڀارت ۾ اقليتن سان ناروا ۽ انسانيت سوز سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن ميرپورخاص ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي ذميوارن طرفان استقباليه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هندستان جي ورهاست هڪ ناگزير حقيقت آهي ۽ اڄ ڀارت ۾ اقليتن سان جيڪو ناروا ۽ انسانيت سوز سلوڪ ٿي رهيو آهي اهو به سڄي دنيا ڏسي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن ۽ غيرمسلمانن کي اظهار راءِ جي آزادي کان وٺي جاني ۽ مالي، عزت ۽ آبرو، محفوظ آهي ۽ اسان قائداعظم جي ويزن مطابق ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان لاءِ اهو سٺو سنوڻ آهي ته قائداعظم جو ??علق سنڌ صوبي سان هو. هو ه??ي پيدا ٿيو ۽ هتي ئي دفن ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪووڊ-19 کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ موثر حڪمت عملي اپنائي آهي. ان ڪامياب حڪمت عملي کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي.