اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغا??ست??ن جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان سدائين افغا??ست??ن کي سهولتون پهچائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو، افغا??ست??ن جي حوالي سان تازن معاهدن ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار شامل آهي، پاڪستان افغا??ست??ن سميت سمورين سرحدن تي عالمي اصولن موجب ۽ مان??ٽر??گ جو موثر نظام يقيني بڻائي رهيو آهي، ڪجهه شرپسند عنصرن ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن افغا??ست??ن سرحد بند هجڻ سبب رهجي ويل ماڻهن کي اتساهيو جن چمن سرحد جي داخلي پوائنٽ تي داخل ٿيڻ جي لاءِ زور زبردستي ڪئي، ان ڇڪتاڻ تي افغان حڪومت سان به مقامي انتظاميا رابطو ڪيو ۽ صورتحال کان آگاهه ڪيو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪوورنا وائرس جي ڪري سڄي دنيا جي ملڪن پنهنجون سرحدون بند ڪ??ون، اهڙي طرح پاڪستان به افغا??ست??ن سميت ٻين ملڪن سان پنهنجون سرحدون بند ڪ??ون جيئن ته افغا??ست??ن جو واپار جي لاءِ ڪو سامونڊي رستو نه آهي ان لاءِ افغان حڪومت سان مشاورت کانپوءِ افغا??ست??ن تي طورخم سرحد کي غلام خان سرحد ۽ انگوراڊه سرحد کي شين جي پهچ لاءِ کوليو ويو ۽ بعد ۾ عيد کان اڳ ٻيهر سرحد کي بند ڪ??و ويو. روزانو پنهنجي سرحدي جاين تان اڍائي کان ٽي هزار ماڻهن جي اچ وڃ هئي، سرحدون بند هجڻ سان اڪثريت افغاني واپس هليا ويا هئا پر ڪجهه افغاني واپس نه وڃي سگهيا. چمن سرحد ويجهو واپار ۽ اسمگلنگ بند هجڻ سبب متاثر ٿيندڙ شرپسند عنصرن ۽ اسمگلرن اتي انهن ماڻهن کي اتساهيو ۽ چمن سرحد پار ڪرڻ جي لاءِ زور زبردستي ڪئي. ان ڇڪتاڻ ۾ افغا??ست??ن پاران فا??رنگ ڪئي وئي جنهن سان پاڪستان جي سرحدي چوڪين کي نقصان پهتو جنهن تي اسان پاران پڻ جواب ڏنو ويو.