اسلا?? آباد – 21 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ا??د عمر چيو آهي ته ڪورونا وبا جو ڦ??لاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ضروري آهي، اسلا?? آباد ۾ 189 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا پيا وڃن، هاٽ اسپاٽ وارن ع??ائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان وبا جو ڦ??لاءُ روڪڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جولاءِ جي آخر تائين 2100 کان وڌيڪ آڪسيجن بيڊز جو اضافو ڪنداسين، 20 وڏن شهرن ۾ هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي ڪئي وئي. ا??د عمر چيو ته پولي ڪلينڪ، پمز ۽ سي ڊي اي اسپتال کي آڪسيجن بيڊز ڏنا ويندا، هاٽ اسپاٽس ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون سان وبا جو ڦ??لاءُ روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته هاٽ اسپاٽس جا تفصيل صوبن کا ڏنا ويا آهن. ٽيڪنالاجي جي مدد سان نشاندهي ڪري سگهنداسي?? ته ڪهڙن ع??ائقن ۾ وبا وڌيڪ آهي. وفاقي وزير ا??د عمر چيو ته ملڪ جي 20 وڏن شهرن ۾ 92 هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو آهي.