اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) 2013ع ۾ اقتدار ۾ ايندي ئي پاڪستان اسٽيل ??لز، پي آءِ اي، او جي ڊي سي ايل، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين سميت ٻين 41 ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ وڌو، پي آءِ اي جو خسارو 500 ارب تائين پهچي ويو، اسان قومي ادارن ۾ سڌارن ذريعي خساري کي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، مخالف ڌر جيڪڏهن انهن کي ڪورونا سان ڳنڍيو ته ان تي سخت احتجاج ڪنداسين، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي تباهه حال معيشت ورثي ۾ ملي پر ان جي باوجود اسان ڪورونا جهڙي وبا سان جنگ وڙهي رهيا آهيون. قومي ا??يم??لي ۾ مخالف ڌر پاران اٿاريل ??قطن تي ڳالهائيندي مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته نجڪاري ۽ ادارن جي خساري واري معاملي تي انگ اکر موجود آهن، 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قائم ٿي، هن سڀ کان اڳ 41 ادارا نجڪاري جي فهرست ۾و ڌا، انهن ۾ پي آءِ اي جي نيويارڪ ۽ پيرس ۾ هوٽل، پي ا??م ڊي سي، او جي ڊي سي ايل، پاڪستان اسٽيل ??لز، پي آءِ اي ۽ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون شامل آهن.