اسلام آباد – 17 مئي (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ مودي جو آر ايس ايس کان متاثر نظريو تمام واضح آهي، غيرقانوني الحاق سان ڪشميرين کي انهن ج?? حق کان محروم رکڻ، طاقت جي بي رحماڻي استعمال ۽ غيرانساني سلوڪ ان جو مثال آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ??وئ??ٽر تي پنهنجي ??وئ??ٽ ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت ٽه رخي سوچ تي عمل ڪري رهي آهي جنهن ۾ ڪشميرين جي خلاف طاقت جو بي رحماڻو استعمال ڪيو پيو وڃي، عورت?? ۽ ??ارن جي خلاف غيرانساني هٿيار پيلٽ گنز استعمال ڪئي پئي وڃي، ڀارت ڪشمير جو غيرانساني لاڪ ڊائون ڪري رکيو آهي، ڪشميرين کي خوراڪ ۽ دوائن جهڙي بنيادي ضرورتن جي شين کان محروم رکيو آهي.