اسلام آباد ?? 21 ??ارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ۽ عو??م کي گڏجي ڪرونا جو مقابلو ڪرڻو آهي، قومون مشڪلاتن ۽ مصيبتن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ سان ئي وڏي قوم بڻجن ٿيون، پاڪستاني قوم مڙهيل جنگين، ٻوڏ ۽ دهشتگردي جو بهادري ۽ يڪجهتي سان مقابلو ڪيو آهي، مون کي پورو يقين آهي ته پاڪستاني قوم ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط سان يڪجهتي سان ڪرونا جي وبا جو مقابلو ڪندي ۽ ان کي شڪست ڏيندي، پاڪستاني بهادر قوم آهي ۽ هي ق??م تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بُڪ تي عو??م سان سڌوسنئون رابطي دوران شهرين جي سوالن جا جواب ڏيندي صدر چيو ته ڪرونا وائرس سان متاثر ملڪن کان جيڪي تجربا سکيا ويا آهن، انهن موجب ميل ميلاپ ۽ غيرضروري چرپر کي محدود ڪيو وڃي ته ان وبا کي موثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.