مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجو ايمان آهي ته نريندر مودي ڪش??ير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو 5 آگسٽ جو جيڪو ق??م کنيو آهي انهي سان ڪش??ير جي آزادي جو رستو نڪرندو، ڪش??ير جي آزادي جي تحريڪ سياسي، سفارتي ۽ ميڊيا جي سطح تي ڪاميابي ماڻي رهي آهي، ڪش??يري اڳواڻن سان گڏجي هڪ ڪميٽي جوڙينداسين جنهن کانپوءِ اڳتي جو مرحلو شروع ڪنداسين، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي 11 ڏينهن ۾ پاڪستان کي فتح ڪرڻ ۽ ڀارتي آرمي چيف جي آزاد ڪش??ير فتح ڪرڻ جون ڳالهيون ڪو به شعور وارو ماڻهو نه ٿو ڪري سگهي جڏهن ٻئي ملڪ ائٽمي طاقت هجن، اهي گ??ٻرايل ماڻهن جون ڳالهيون آهن، مودي حڪومت 5 آگسٽ جي قدمن کانپوءِ بري طرح ڦاسي وئي آهي، مودي جيڪڏهن پنهنجي تازي قدم تان پٺتي هٽي ٿو ته ان کي انتهاپسند ??ندوئن کان خطرو آهي جڏهن ته هو وڌيڪ اهڙا قدم کڻي ٿو ته هو عالمي سطح تي بي نقاب ٿيندو، آر ايس ايس جي نظريي ۽ هندوتوا جي حوالي سان دنيا اسان جي ڳالهه کي اهميت ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير قانونسازي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو.