اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ن??ب قانون ۾ ترميم جو مقصد قومي ترقي جي ڦيٿي کي تيز ڪرڻ آهي، مخالف ڌر نيب آرڊيننس کي پڙهڻ کانسواءِ ئي تنقيد براءِ تنقيد تي عمل ڪر?? رهي آهي، اين آر او متعارف ۽ فائده کڻندڙ به ن??ب آرڊيننس تي تنقيد ڪر?? رهيا آهن، نيب آرڊيننس ۾ دي??نتدار ۽ ايماندار ماڻهن جو تحفظ ڪيو ويو آهي، حڪومت عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ??رڻ ۾ مصروف آهي، نيب ۽ ايف آءِ اي جهڙن ادارن کي آزاد ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ ايف آءِ اي کي مرضي سان سوالناما ڏنا ويندا رهيا، هاڻي جيڪڏهن ڪو ايف آءِ اي جي سامهون پيش ٿيندو آهي ته اها ئي تبديلي آهي.