اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين نيشنل پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر فيصل فاروق جي وڏي ڀاءُ همايون اقبال جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ فيصل فاروق ۽ سندس خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الل?? تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ کيس پنهنجي جوار ??حمت ۾ جاءِ ڏي.