اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ نئين صورتحال کي نئين تناظر سان ڏسندي ۽ هڪ حقيقت پسنداڻي ۽ زميني حقيقتن مطابق سوچ اختيار ڪندي اڳيان وڌڻ گهرجي، اسان کي افغان عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ ا??هن جي حمايت ڪرڻ گهرجي. افغانست??ن جو استحڪام پاڙيسري ملڪن جي سڌي ريت مفاد ۾ آهي، عالمي برادري ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي، سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان افغان عوام کي هڪ نئون يقين ۽ اعتماد ملندو. اهڙو اظهار هن افغانست??ن جي صورتحال تي پرڏيهي وزارت ۾ علائقائي پرڏيهي وزيرن جي ورچوئل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان ڪئي. جڏهن ته ورچوئل ڪانفرنس ۾ چين، ازبڪستان، ترڪمانستان، تاجڪستان ۽ ا??ر??ن جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ ٿيل واقعن اس??ن جي خطي کي عالمي ڌي??ن جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، غير متوقع ۽ ا??چتو ٿيل انهن واقعن سان اهميت جوڳي ڳالهه اها آهي ته ڏهاڪن ک??ن جاري خونريزي ناهي ورجائي وئي. ڊگهو تڪرار ۽ گهرو ويڙهه جو امڪان في الحال ٽري ويو آهي، پر ان باوجود صورتحال پيچيده ۽ غير مستحڪم آهي. هڪ ڳالهه يقيني آهي ته اسان سڀ افغانستان ۾ تبديل شده حقيقت کي ڏسڻ ۾ مصروف آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته طالبان عبوري حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اسان ان اڳڀرائيءَ کي ڏسي رهيا آهيون، اسان کي اميد آهي ته سياسي صورتحال جلد ک??ن جلد مستحڪم ٿيندي ۽ حالتون بهتريءَ طرف وينديون. هن چيو ته اس??ن جي ڪوششن جو بنيادي محور افغان عوام جي ڀلائي ۽ بهتري هئڻ گهرجي جيڪا قوم 40 سالن کان وڌيڪ عرصي کان تڪرار هيٺ آهي ۽ عدم استحڪام سبب بي پناهه ڏُکيائين کي مُنهن ڏنو آهي. افغانستان ۾ ٿيل واقعا سمورن ڇهن پاڙيسري ملڪن لاءِ واضح خراب تناظر ۾ آهن، اسان ويجهن رابطن ۽ ڀائيچاري تي اتفاق ڪيو هو. هن چيو ته هاڻي تائين ٿيل مشاورت سان هيٺان معاملا سامهون آيا آهن جن تي بدلجندڙ صورتحال ۾ گڏيل سوچ برقرار آهي، جهڙوڪ سرحدن جي سلامتي جي صورتحال، افغان ڌرتيءَ کي دهشتگرد تنظيمن هٿان استعمال ٿيڻ کان بچائڻ، پناهگيرن جي نئين لهر جي ايندڙ امڪان، منشيات ۽ ڊگهي مُدي وارن ڏوهن جي روڪٿام، انتهاپسند عنصرن کي روڪڻ، ڪورونا وبا بابت ڏُکيائين جا مسئلا، خطي کي ڳنڍڻ ۾ درپيش رڪاوٽون شامل آهن. هن چيو ته اسان به ان ڳالهه تي اتفاق ڪريون ٿا ته افغانستان ۾ امن قائم ٿي وڃي ته ??ن جا تمام گهڻا فائدا آهن جنهن سان خ??ي جون سرحدون محفوظ ٿينديون ۽ ا??غانستان ڌرتيءَ تان دهشتگرديءَ جو خطرو ٽري ويندو، افغان پناهگيرن جي وطن واپسيءَ جا امڪان روشن ٿي ويندا، معاشي استحڪام ۽ عوام جي زندگيءَ جي معيار ۾ بهتري اي??دي. شاهه محمود قريشي چيو ته پُرامن، مستحڪم، خوشحال خطي ??اءِ اس??ن جي گڏيل سوچ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ افغانستان کي ان قابل بڻائڻو پوندو ته اهي ان آزمائش جي گهڙيءَ مان نڪرن ۽ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ڪتب آڻين. اس??ن جي سوچ ۾ ڪيترائي اهم نُڪتا ۽ ترجيحون آهن جيڪي ان رُخ ۾ اس??ن جي ڪوششن ۾ اس??ن جي رهنمائي ڪن ٿيون. پهريان ته اسان کي افغان عوام سان گڏجي مڪمل اعتماد ڪرڻ لاءِ انهن جي حمايت ڪرڻي پو??دي. ٻيو اسان کي هڪ متحد، خودمختيار ۽ جاگرافيائي سطح تي سلامتيءَ واري افغانست??ن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪرڻو پوندو. ٽيون اسان کي ان ڳالهه تي زور ڀرڻو پوندو ته افغان مسئلي جو افغانين کي ئي مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. چوٿون اسان کي واضح ڪرڻو آهي ته افغان ڌرتيءَ کي ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. پنجون اسان کي افغان ڊگهي مُدي واري اهميت کي سمجهندي قومي مفاهمت جي اهميت تي زور ڀرڻو پوندو. هن چيو ته هاڻوڪي اڳڀرائيءَ جي تناظر ۾ اهم ترجيحيات اهي شامل آهن ته انساني نوعيت جو بحر??ن جنم نه وٺي جنهن سان افغانين جون ڏُکيائون وڌيڪ وڌي وينديون. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري خاص طور تي ان اهم ۽ نازڪ مرحلي تي پنهنجا رابطا برقرار رکي. سفارتي ۽ عالمي موجودگيءَ جي تجديد سان افغان عوام کي هڪ نئون يقين ۽ ا??ميد مل??دي. پرڏيهي وزير تجويز پيش ڪئي ته پاڙيسري ملڪ ان اهم پليٽ فارم کي مستقل ۽ باضابطه مشاورتي نظام ۾ تبديل ڪن ۽ مستقبل ۾ افغانستان کي ان ۾ گُهرائڻ لاءِ به سوچي سگهجي ٿو. افغانست??ن جي ان ۾ شموليت سان فورم جو اثرائتو هجڻ ۽ ا??غانستان ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام جي اس??ن جي گڏيل مقصدن تي اڳڀرائيءَ کي هٿي مل??دي. افغانست??ن جي استحڪام ۾ پاڙيسري ملڪن جو سڌيءَ ريت مفاد آهي، عالمي برادريءَ لاءِ اس??ن جو گڏيل آواز پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانست??ن جي پيغام کي طاقت ڏيندو.