اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀني وفاقي وزارتن ۽ صوبائي ح??وم??ن کي هدايت ڪئي آهي ته سيڙپڪ??ري کي فروغ ڏيڻ لاءِ طئي ٿيل هدف وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، سيڙپڪارن کي ڪاروبار ڪرڻ لاءِ آسانيون فراهم ڪيون وڃن، ??عا??ي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ تيز تر ??عا??ي ترقي لاءِ سيڙپڪ??ري اهم ترين جز آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ سيڙپڪ??ري ۽ ڪاروبار ۾ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب اجلاس ۾ خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزاتن جا سيڪريٽري، نيپرا جو چيئرمين، چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. سيڙپڪ??ري بورڊ جي سيڪريٽري اجلاس کي انهن سڀني قدمن جي ب??ري ۾ آگاهه ڪيو، جيڪي سيڙپڪ??ري ۽ ڪاروبار ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ کنيا ويا آهن، انهن قدمن ۾ قانون ۾ ترميم، ٽيڪس وصولين جي طريقيڪار ۾ آساني، ٻين کاتن مان اين او سي کي جلد حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، غير ضروري ۽ پراڻي ضابطه ڪار ۾ ترميم شامل آهي.