اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شرين مزاري چيو آهي ته فلسطين جي معاملي تي پاڪستان قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، ايتري طاقتور ڪميشن جو ٺهڻ هڪ مشڪل ڪم هو، اهو ڪميشن فلسطين جي نسل پرست اسرائيل طرفان انساني حقن جي خلاف ورزين جي آزاداڻي جاچ ڪندو ۽ انساني حقن واري ڪائونسل جنيوا جي صدر کي رپورٽ ڪندو، پاڪستان جي تجويز تي قرارداد جو اچڻ ۽ ان تي ڪميشن جي جوڙجڪ وزيراعظم عمران خان جي حڪومت جي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. هو اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي، هن چي?? ته ان ڪميشن تي سن سيٽ ڪلاز شامل ناهي يعني اهو ڪميشن ڪنهن محدود مدي لاءِ جوڙيو ناهي ويو ۽ اهو ڪميشن وقتن بوقتن رپورٽ ڏيندو رهندو، هن چي?? ته ڪميشن ڏسند?? ته نسل پرست اسرائيلي حڪومت و??لاريل فلسطين سميت اوڀر يروشلم ۾ ڇا ڇا ڪري رهيو آهي، اهو ڪميشن اسرئيل طرفان ڪيل عالمي انساني قانون ۽ عالمي انساني حقن جي خلاف ورزين جي نشاندهي ڪندو. اهو ڪميشن هيومن رائٽس ڪائونسل جي ميمبر ملڪن کي سفارشون ڏيندو، هن چي?? ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان ڪميشن کي سهولتون مهيا ڪندو جڏهن ته يو اين هيومن رائٽس آفس ان کي لاجسٽڪ ۽ ٽيڪنيڪل سهولتون ڏيندو رهند?? ته جيئن ڪميشن پنهنجو ڪم جاري رکي. ڊاڪٽر شيرين مزاري چي?? ته اسرائيل فلسطينين جي زمينن تي زبردستي قبضو ڪري رهيو آهي ان کي اتان کان ڪڍيو پيو وڃي، هن چي?? ته اسرائيل هڪ نسل پرست حڪومت آهي جي??ا فلسطين تي قابض آهي. جن ملڪن تي قابض فوج هوندي آهي ان تي فورٿ جنيوا ڪنوينشن لاڳو هوندو آهي جنهن تحت توهان ماڻهن کي انهن جي گهرن مان نٿا ڪڍي سگهو، ان جي علائقي مان نٿا ڪڍي سگهو ۽ نه ئي انهن کي جيلن ۾ بند ڪري سگهو ٿا، اها فورٿ جنيوا ڪنوينشن ۾ واضح آهي، هن چي?? ته فلسطينن جي ڪا به فوج نه آهي اهي عام شهري آهن جنهن ۾ ٻار به شامل آهن، اسرائيلي ملٽري ڪورٽس ۾ فلسطيني سويلين جا ٽرائل ٿي رهيا آهن.