اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت نجي شعبي کي ترقياتي عمل ۾ ڀرپور طريقي سان شامل ڪرڻ ?? ان کي بهتر ماحول جي فراهمي جي لاءِ مڪمل طور تي پرعز?? آهي، ٻاهرئين ?? اندرئين ملڪ سيڙپڪارن کي آسانيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري بورڊ کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اجلاس ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام تحت مختلف ترقياتي منصوبن خاص طور تي نجي شعبي جي حصيداري سان هيستائين پڄاڻي تي پهچندڙ مختلف منصوبن، ڪيترن ئي شعبن ۾ پڄاڻي هيٺ ?? جلد مڪمل ٿيندڙ منصوبن جي حوالي سان ڏني ويندڙ بريفنگ جي موقعي تي ڪيو.