اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جي عزم کي ورجايو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ فلسطين جي ص??ر محمود عباس سان ٽيليفون تي ڳاله??ئي??دي ڪيو. وزيراعظم عمران خان فلسطيني ص??ر سان فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم مسجد اقصيٰ ۾ بيگناهه نمازين تي حملن ۽ غزه ۾ اسر??ئي?? پاران فضائي حملن جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي شهري مارجي ويا. وزيراعظم فلسطيني ص??ر کي انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي اهڙي طرح جي خلاف ورزين جي خلاف عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو يقين ڏياريو.