اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خودمختيا??ي وارو حق انساني احترام جو بنيادي جزو آهي، عالمي بر??در?? کي ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوالي سان پنهنجي خاطرين ۽ ذميدارين کي پورو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختيا??ي واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي هرممڪن حمايت جاري رکندو. ڪشميرين جي خودمختيا??ي واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته هر سال پ??ج جنوري کي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن لاءِ خودمختيا??ي واري حق جي ڏهاڙي جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته عالمي بر??در?? ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوالي سان پنهنجي ذميدارين ک??ن نظرون نٿي ڦيرائي سگهي.