اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ??ه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس ۽ ان سان لاڳاپيل اجلاسن ۾ پاڪستان جي فعال ۽ نمايان شرڪت گڏيل قومن جي مقصدن ۽ اصولن جي حمايت ۽ عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪست??ن ٻين ميمبر ملڪن سان گڏجي هڪ اهڙي دنيا جي تعمير جي لاءِ سرگرم عمل آهي جتي تڪرارن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو هجي ۽ امن ۽ س??ام??ي جي حالتن ۾ سڀني جي لاءِ برابر خو??حا??ي حاصل ڪرڻ جاري رهي.