اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پار??يم??ني رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي اسپيڪر سان پارليامي??ٽ هائوس ۾ آن لائن ميٽنگ جي دوران ڪيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻئي ملڪ غربت، انساني حقن ??ي بهتر فراهمي، برابري، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ موسمي اثرن جهڙن چئلينجن لاءِ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪري بهتري آڻي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) ۽ ايشين پارلياماني اسيمبلي (اي پي اي) جا ميمبر ملڪ آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ان گهڻ رخي فورمز مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون.